سدا بهار

سدا بهار

سدا بهار

سدا بهار: سدا بهار (Periwinkle) هڪ خوبصورت ٻوٽو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ رتن جوت، اردوءَ ۾ سدا بهار، انگريزيءَ ۾ Vinca ۽ لاطينيءَ ۾ Vinca Rosea چيو ويندو آهي. هي خوبصورت ٻوٽو پنهنجن گلابي، قرمزي ۽ اڇن گلن سان جهنجهيل ٿئي ٿو. باغن ۽ ڪونڊين ۾ پوکيو وڃي ٿو. سنڌ، پنجاب، پختونخوا، بلوچستان ۽ ڪشمير کانسواءِ هندستان ۾ پيدا ٿئي ٿو. هن جي پنن جو عرق، ذيابطيس جي مرض لاءِ اڪسير سڏيو ويو آهي. هن مان رت جي ڪئنسر جي دوا ٺهندي آهي. حڪيم هن جي پنن مان حيض جي گهڻائيءَ جو به علاج ڪن ٿا.


لفظ سدا بهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو